پشاور (م ڊ) ملڪ ۾ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو ۽ اڄ 19 فيبروري تي پهريون روزو رکيو ويو آهي، جڏهن ته رات پهرين تراويح پڙهي وئي. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس پشاور ۾ مولانا عبدالخبيرآزاد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن کانپوءِ اعلان ڪيو ويو ته پاڪستان جي مختلف حصن ۾ رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، ڪميٽي موجب اسلام آباد، پشاور، مردان ۽ سنڌ جي شهر ٽنڊو الهيار مان چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون مليون. خميس 19 فيبروري تي پهريون روزو هوندو. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري وزارت، سپارڪو، موسميات کاتي ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي وزارت جي نمائندن به شرڪت ڪئي. پشاور کانسواءِ اسلام آباد ۽ ٻين صوبائي تخت گاهن ۾ به زونل ڪميٽين جا اجلاس ٿيا.