ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: ڏکن آفريڪا هٿان يو اَي اِي کي شڪست

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا گڏيل عرب امارتن(يو اي اي) کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دهلي جي ارون جيٽلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا يو اي اي خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو هو.
پهريان بيٽنگ ڪندي يو اي اي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن تي 122 رنسون ٺاهيون ۽ ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ 123 رنز جو هدف ڏنو.
متحده عرب امارتن طرفان علي شان شرفو 45 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو.
ڏکڻ آفريڪا جي ڪاربن بوش 3 ۽ اينرڪ نورٽجي 2 وڪيٽون ورتيون.
ايو اي اي طرفان ڏنل 123 رنسن جو هدف ڏکڻ آفريڪا 13 ڏهائي 2 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ڊيولڊ بريوس 36 ۽ ريان ريڪلٽن 30 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان ايڊن مارڪرم 28 ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 14 رنسون ٺاهيون.
ڪاربِن بوش کي شاندار بالنگ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو .
واضح رهي ته گروپ ڊي مان ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزي لينڊ جون ٽيمون اڳ ئي سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.