ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ رمضان المبارڪ لاءِ اسڪولن ۾ اچ وڃ جو وقت تبديل ڪيو ويو.
اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنگل شفٽ وارن اسڪولن جو وقت صبح 8 وڳي کان ساڍا 12 وڳي تائين هوندو، جمعي تي سنگل شفٽ وارن اسڪولن جو وقت صبح 8 کان ساڍا 11 وڳي تائين هوندو.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊبل شفٽ وارن اسڪولن ۾ صبح جي شفٽ ساڍا 7 کان ساڍا 11 تائين هوندي ۽ جمعي تي صبح جي شفٽ ساڍا 7 کان ساڍا 10 وڳي تائين هوندي.
Next Post
You might also like