ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن ڪسٽم آفيس ۽ پوليس تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا.
پوليس ترجمان موجب ڊي آءِ خان ۾ يارڪ انٽر چينج ڀرسان دهشتگردن ڪسٽم آفيس ۽ پوليس تي حملو ڪيو.
حملي ۾ ڪسٽم اهلڪار اسرار خان ۽ پوليس اهلڪار محمد بلال شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ٻه اهلڪار زخمي به ٿيا، جن کي فوري طور اسپتال نيو ويو.
ان کانسواءِ دهشتگردن ڪسٽم جي ٻن گاڏين کي به باهه ڏئي ڇڏي ۽ مسافر بسن تي فائرنگ ڪئي.
ترجمان موجب پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگرد فرار ٿي ويا.
You might also like