ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار اداڪار سڌارٿ ملهوترا پيءُ والد سنيل ملهوترا لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪار سڌارٿ ملهوترا جي والد سنيل ملهوترا جي وفات جي خبر سندس پٽ سوشل ميڊيا ذريعي ڏني.
سنيل ملهوترا جو ديهانت 14 فيبروري تي نئين دهلي ۾ ٿيو ۽ اداڪار سڌارٿ آخري رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ هن وقت پنهنجي خاندان سان ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ موجود آهي.
ذريعن موجب، سنيل ملهوترا ڊگهو عرصو بيمار هو، اداڪار جي ويجهي شخص ٻڌايو ته سڌارٿ پنهنجي پيءُ جي گهڻو ويجهو هو ۽ هي نقصان رڳو سندن لاءِ نه پر سموري ڪٽنب لاءِ وڏو صدمو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته آخري رسمون ادا ڪيون ويون آهن، پر سڌارٿ پنهنجي گهرواري ڪيارا آڏواڻي سان ڪجهه وقت دهلي ۾ گهرڀاتين وٽ ترسندو.
ياد رهي ته اڳوڻو مرچنٽ ڪمانڊر سنيل ملهوترا کي سڌارٿ جي ننڍپڻ ۽ پيشيوراڻي زندگيءَ ۾ هڪ اهم شخصيت سمجهيو ويندو آهي.
سڌارٿ ملهوترا پنهنجي والد لاءِ هڪ جذباتي پيغام پڻ شيئر ڪيو، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته ”هو غير معمولي ديانتداري، اصول پسندي ۽ تهذيب جو مالڪ انسان هو ۽ هن سدائين اهڙن آدرشن تحت زندگي گذاري ۽ ڪنهن جي اڳيان سر نه جهڪايو.“