آچر ڏينهن آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ دوران به ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن هڪٻئي سان هٿ نه ملايو، جڏهن ته اسٽيڊيم ۾ ڪجهه مختلف منظر ڏسڻ لاءِ مليا.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊري فاسٽ بالر وسيم اڪرم ۽ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان روهت شرما نه رڳو هٿ ملايو پر ڀاڪر پڻ پاتو.
وائرل وڊيو سريلنڪا جي راڄڌاني ڪولمبو جي آر پريماداسا اسٽيڊيم جي آهي، جتي ڀارت ۽ پاڪستان جون ڪرڪيٽ ٽيمون آمهون سامهون هيون.
وسيم اڪرم ۽ روهت شرما جي ملاقات واري وڊيو اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ جاري آهي، جنهن جو اثر ڪرڪيٽ جي ميدان تي پڻ نظر اچي رهيو آهي.
گزشتا سال مئي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٿيل جنگ کانپوءِ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ هٿ نه ملائڻ جو لاڙو وڌيو، ۽ آچر ڏينهن پريماداسا اسٽيڊيم ۾ پڻ ڏسڻ ۾ آيو جتي ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن هڪٻئي سان هينڊ شيڪ نه ڪيو.
ان ڏس ۾ سوشل ميڊيا واهپيدارن ان ملاقات تي دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.
نبراز رمضان نالي واهپيدار وڊيو شيئر ڪندي لکيو” ليجنڊ ڀاڪر پائي رهيا آهن ۽ ٻار هٿ نٿا ملائين.“
ڪجهه واهپيدارن روهت شرما ۽ وسيم اڪرم جي ملاقات تي سوال اُٿاريا ۽ راءِ به ڏني.
روشن راءِ لکيو ته ” سوريا ڪمار يادَو سلمان علي آغا سان ٽاس دوران هٿ نه ملايو، ميچ جي پڄاڻي تي ڀارتي رانديگرن پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملايو. پر روهت شرما کي وسيم اڪرم ڀاڪر پائيندي ڏٺو ويو، اميد ته روهت شرما کي تنقيد جو نشانو نه بڻايو ويندو.“
ٻئي پاسي هڪ احمد نالي واهپيدار چيو ته ” جيڪڏهن محمد سراج ڪنهن پاڪستاني رانديگر سان اهڙي ريت ملندو ته ڇا کيس پاڪستان جو همدرد نه سمجهيو ويندو؟“
ڪجهه واهپيدارن هڪ نئون سوال اُٿاريو ته پاڪستان جي خلاف کٽڻ باوجود ڀارت کي خوشي ڇو ناهي ٿي رهي؟
لنڊا مشادو لکيو ته ” جيتوڻيڪ اسان ميچ ۾ کٽي وياسين، پر هٿ نه ملائي اسان پنهنجي عزت ۽ راند جي روح کي ڇيهو رسائي ڇڏيو، اسان ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا؟ جڏهن ته روهت شرما ۽ وسيم اڪرم ملي سگهن ٿا ته رانديگر ڇو نه؟ “
گبر نالي صارف لکيوته ” روهت شرما ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ سياسي حربن کان پاڻ کي مٿانهون ثابت ڪي. هو سچو جئنٽلمين آهي.“
ان سموري صورتحال تي رڪي نالي واهپيدارن تبصرو ڪندي لکيو ته ” ڇا توهان ان( روهت) مان اميد ڪري رهيا آهيو ته هو وڙهي ؟ هڪ چوڻي آهي ته ” جڏهن روم ۾ هجو ته رومن بڻجي رهو، ائين ئي توهان رانديگرن مان ويڙهه جي اميد نٿا ڪري سگهو، جيڪڏهن ڪنهن کي ان ڳالهه تي اعتراض آهي ته پوءِ بي سي سي آءِ کي چئو ته پاڪستان سان ڪرڪيٽ نه کيڏي.“
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 61 رنز سان شڪست ڏني هئي.