ايراني جوهري پروگرام، نيتن ياهو جو ٽرمپ کان وڏومطالبو

يوروشلم (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته آمريڪا کي ڪنهن به جوهري معاهدي تحت ايران کان اهو مطالبو ڪرڻ گهرجي ته هو پنهنجي يورينيم افزدوگي ختم ڪري ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ افزودگي کان روڪي.
آچر ڏينهن يروشلم ۾ هڪ خطاب دوران هن ڪيئي شرطن جو ذڪر ڪيو، جن ۾ اِهو به شامل هو ته ”سمورو افزوده مواد ايران کان ٻاهر وڃڻ گهرجي ۽ ايران وٽ افزودگي ڪرڻ جي ڪا به صلاحيت باقي نه رهڻ گهرجي.“
واضح رهي ته اسرائيلي وزيراعظم جو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ايراني ۽ آمريڪي عملدار اڱاري تي سوئٽزرلينڊ ۾ ڳالهين جي ٻئي دور جي تياري ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.