رڳو هڪ نارنگيءَ ۾ ويهه کان مٿي فائدا!

ميوا کائڻ صحت لاءِ هونئن به فائديمند هوندو آهي پر مختلف ميون جا صحت لاءِ مختلف فائدا هوندا آهن، صوف جي فائدن کي ڏسندي جيڪو مهاورو ڏنو ويو آهي ته نيراني هڪ صوف، ڊاڪٽر ڏي وڃڻ جي ضرورت نه پوندي وانگر جيڪڏهن روز هڪ نارنگي ڊاڪٽر ڏي وڃڻ جي ضرورت نه پوندي چوڻ به شروع ڪجي ته غلط نه هوندو، ڇو ته رڳو هڪ نارنگي روز کائڻ جا سورهن وڏا فائدا ٿيندا آهن جن بابت اڄ اسان اوهان کي ٻڌائينداسين.

روز هڪ نارنگي کائڻ سان جسم کي روزاني گهربل وٽامن سي جو ستر سيڪڙو حصو ملي ويندو آهي. وٽامن سي مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ انتهائي اهم وٽامن آهي.

اها وٽامن آئرن کي جذب ڪرڻ لاءِ به اهم آهي جڏهن ته جسم ۾ رت جي پيداوار ۽ مسلز جي جوڙجڪ به به ضروري آهي.

وٽامن سي جو بهترين ذريعو هجڻ ڪري نارنگي انهن زهريلي مادن کي به روڪيندي آهي جيڪي ڪينسر جو سبب بڻبا آهن، مختلف تحقيقن ۾ تيز ذائقي واري ميون کي ڪينسر جي ڪيترين ئي قسمن لاءِ فائديمند ته قرار ڏنو ويو آهي نارنگي جي ان ذائقي جي ڪري ۽ زهريلي مادن جي روڪٿام جي ڪري اها ڪينسر کان پڻ بچائي ٿي.

هڪ نارنگي ۾ ٽي گرام کاڌي وارو فائبر موجود هوندو آهي، فائبر نه رڳو قبضي کان بچائڻ توڙي قبضي جي علاج لاءِ فائديمند آهي پر اهو جز آنڊن جي صحت لاءِ به بهترين هوندو آهي.ساڳئي ئي ريت فائبر ڪوليسٽرول ۽ بلڊ شگر جي سطح کي به گهٽائيندو آهي.

نارنگين ۾ موجود فائبر پيٽ ڀري رکندو آهي جنهن سان جسماني وزن ۾ گهٽتائي به اچي ٿي، نارنگين ۾ موجود پاڻي به جسم گهٽائڻ لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

هر هڪ نارنگي ۾ هڪ سئو ستر ڪيميائي مرڪب ۽ سٺ فليونوئڊز موجود هوندا آهن.

اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور اهو ميوو پٺين جي سڪڙجڻ يا سوٺ ٿيڻ سميت دائمي ورم سان مقابلو ڪرڻ ۾ دوائن کان وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندو آهي.

اهو به ياد رهي ته اهو ورم ڪينسر، دل جي بيمارين، شگر، سنڌَن جي سور، ڊپريشن ۽ الزائمر جي مرضن جو به سبب بڻبو آهي، مطلب ته نارنگي ورم گهٽائي انهن بيمارين کان به بچائيندي آهي.

هڪ نارنگي ۾ ٻه سئو چاليهه گرام پوٽاشيم موجود هوندو آهي جيڪو منرل اعصاب ۽ مسلز جي لاءِ انتهائي اهم آهي جنهن سان دل جو ڌڙڪو به برقرار رهندو آهي.

پوٽاشيم سان بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ به سولائي ٿيندي آهي، مطلب ته نارنگي بلڊ پريشر واري ماڻهن ۽ دل جي ڌڙڪي کي برقرار رکڻ لاءِ پڻ بهتر آهي.

ڳورهاري عورتن کي ٻار جي سٺي واڌ ويجهه جي لاءِ بي وٽامن فوليٽ جي استعمال جو مشورو ڏنو ويندو آهي ڇو ته ان سان ٻار ۾ دماغ ۽ ڪرنگهي جي هڏي جي پيدائشي خامين کان مدد ملي ٿي.

نارنگين ۾ فوليٽ ججهي مقدار ۾ موجود هوندو آهي جيڪو دماغ ۽ ڪرنگهي جي هڏي جي مسئلن لاءِ بهترين هجي ٿو.

نارنگين ۾ بيٽاڪيروٽين نالي طاقتور اينٽي آڪسيڊنٽس جو به ججهو مقدار هوندو آهي جيڪي سيلن جي صحت کي بهتر بڻائيندا آهن ۽ جسم ۾ گهمندڙ ناڪاري مودا جي ڪري ٿيندڙ نقصانن کي گهٽائيندا آهن.

ان سان گڏ نارنگيون اکين جي صحت لاءِ پڻ فائديمند آهن.

نارنگين ۾ وٽامن بي ون به موجود آهي جيڪا کاڌي کي توانائي ۾ مٽائڻ جي لاءِ مددگار هجي ٿي، جسم جي سڀني سيلن کي خوراڪ مان توانائي ٺاهڻ جي ضرورت هوندي آهي جيڪا ان وٽامن جي ذريعي پوري ٿي سگهي ٿي.

وٽامن سي واري کاڌن جي استعمال سان رت جي کوٽ ۽ اينيميا کان بچڻ ۾ مدد ملندي آهي، جيتوڻيڪ نارنگيون آئرن ماڻڻ جو بهترين ذريعو ناهن پر وٽامن سي ملڻ جي ڪري جسم کي آئرن جذب ڪرڻ جي صلاحيت ملندي آهي. هڪ تحقيق مان اهو به ثابت ٿيو آهي ته هڪ سئو ويهه گرام نارنگين ۽ دالين کي خوراڪ جو حصو بڻائجي ته آئرن ججهي مقدار ۾ ماڻي سگهجي ٿي، مطلب ته نارنگيون آئرن جي واڌ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن.

وٽامن سي وارا کاڌا کائڻ سان چمڙي جي صحت به بهتر ٿيندي آهي، نارنگي چمڙي جي صحت توڙي خوبصورتي لاءِ پڻ بهترين خوراڪ آهي، جنهن جي ڪري جسم ۾ ڪوليجن نالي پروٽين ٺهڻ جو عمل تيز ٿيندو آهي.اها پروٽين چمڙي کي لَسو ڪرڻ، داغ ڌٻا ختم ڪرڻ ۽ گهنج گهٽائڻ لاءِ ته بهترين آهي پر ان سان جسم تي موجود زخمن کي به تڪڙي ڀرجڻ ۾ مدد ملي ٿي.

وٽامن سي جي استعمال سان چهري تي ايندڙ گهنجن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ الڳ تحقيق ۾ ثابتي ڏني وئي آهي، جيڪا نارنگين ۾ ججهي مقدار ۾ موجود آهي.

سياري جي موسم ۾ گهڻي قدر ماڻهو پاڻي گهٽ پيئندا آهن ڇو ته ٿڌ هجڻ ڪري اڃ لڳڻ جو احساس ناهي لڳندو، اهو ئي سبب آهي ته هڪ نارنگي جو استعمال به سوڪهڙي کان به بچائيندو آهي ۽ جسم کي گهربل مقدار ۾ پاڻي مهيا ڪندو رهندو آهي.

ڇو ته نارنگي ۾ پاڻي جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي جنهن سان جسم جي خشڪي ۽ ڊي هائڊريشن جا مسئلا گهٽجي ويندا آهن.

جسم ۾ گهربل مقدار ۾ پاڻي مهيا ڪرڻ سان هاضمي جو نظام به بهتر ٿيندو آهي، سنڌَن جي تڪليف مان ڇوٽڪارو ملي ٿو، قبضي مان بچڻ ۾ مدد ملي ٿي جنهن سان جسماني درجا حرارت ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.

هڪ نارنگي ۾ فائبر جو مقدار تمام ججهي مقدار ۾ هوندو آهي ۽ ڪيترين ئي تحقيقي رپورٽن مان ثابت ٿيو آهي ته خوراڪ وارا جز شگر کان بچائڻ ۾ وڏي مدد ڪندا آهن.

هڪ تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته روز چار گرام فائبر جي استعمال سان جسم جي انسولين تي ردعمل ظاهر ڪرڻ جي صلاحيت بهتر ٿيندي آهي. انسولين جي حساسيت ۾ گهٽتائي جي ڪري شگر ٽائيپ ٽو سان متاثر ٿيڻ جا خطرا به گهٽجي ويندا آهن.

نارنگي فائبر ۽ پوٽاشيم ماڻڻ جو بهترين ذريعو آهن ۽ اهي ٻئي خوراڪ وارا جز دل جي صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن. اهو به تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته فائبر جي استعمال سان دل جي بيمارين کان متاثر ٿيڻ جا خطرا گهٽجي ويندا آهن.

اهڙي ئي ريت نارنگي ۾ موجود پوٽاشيم بلڊ پريشر کي ضابطي ۾ رکندو آهي ۽ جنهن سان به دل جي دوري ۽ فالج جي خطرن کان حفاظت ملي ٿي.

نارنگين ۾ موجود فائبر ٻاهر نڪتل پيٽ کي به اندر ڪندو آهي، تحقيقن مان ثابت ٿيو آهي ته فائبر جو استعمال جسماني وزن گهٽائڻ توڙي پيٽ اندر ڪرڻ ۽ چرٻي کي ڳارڻ لاءِ به انتهائي مددگار هوندو آهي.

نارنگي ۾ فليونوئڊز مرڪب به موجود هوندا آهن ۽ اهي مرڪب به چرٻي کي ڳارڻ ۾ وڏي مدد ڪندا آهن.

نه رڳو نارنگي پر ان جي فارن تي لڳل اڇيون تندون به وڏيون فائديمند هونديون آهن، نارنگي جي اڇي تندن ۾ ڪيلشيم، فائبر، وٽامن سي ۽ مدافعتي نظام کي طاقتور بڻائيندڙ اينٽي آڪسيڊنٽس موجود هوندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.