نواب ولي محمد (ويب ڊيسڪ) نواب ولي محمد ويجهو ڳوٺ اسماعيل ڀنڊ ۾ ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار سبب جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ هڪ پيءُ پنهنجي ٻن ڌيئرن سميت قتل ٿي ويو ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ميڊيا رپورٽن موجب، جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب مقتول امداد ڀنڊ ۽ سندس ڌيئرون، 9 ورهين جي زرقون ۽ 12 ورهين جي صدف قتل ٿيون.
جهيڙي دوران امداد ڀنڊ جي گهرواري سميت 7 ڄڻا زخمي ٿيا، جن مان 4 ڄڻا ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيا ويا.
ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار سبب اهو جهيڙو ٿيو، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ خوف پکڙيل آهي.