گهريلو تشدد بل: زالون به مڙسن تي تشدد ڪن ٿيون، بل ۾ رڳو عورتن جو ذڪر ڇو؟ خواجا اظهار الحسن

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو اڳواڻ خواجا اظهار الحسن گهريلو تشدد بابت بل تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ” بل ۾ رڳو مڙسن طرفان زالن تي تشدد جو ذڪر ڇو آهي؟ زالون به مڙسن تي تشد ڪنديون آهن.“
قومي اسيمبلي پاڪستان جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهريلو تشدد خلاف ترميمي بل تي بحث ڪيو ويو .
اجلاس دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري گهريلو تشدد جي روڪٿام بابت ترميمي بل ڪميٽي آڏو پيش ڪيو. بل جو مقصد موجودا قانونن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ سزائن کي سخت ڪرڻ آهي.
متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن گهريلو تشدد بابت بل تي تبصرو ڪندي چيو ته ”بل ۾ رڳو مڙسن طرفان زالن تي تشدد جو ذڪر ڇو آهي؟ زالون به مڙسن تي تشدد ڪن ٿيون.“
اجلاس دوران قانون ۽ انصاف واري وزارت جي اختيارين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ملڪ ۾ گهريلو تشدد بابت اڳ ۾ ئي قانون موجود آهي، تنهنڪري اهو ڏسڻ ضروري آهي ته نيون تجويزون اڳوڻن قانونن جو حصو آهن يا نه.
اختيارين ٻڌايو ته ته في خاص قانون في الحال صرف اسلام آباد جي حد تائين لاڳو آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.