پاڪستان ۽ ڀارت جون ڪرڪيٽ ٽيمون آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ 15 فيبروري تي ڪولمبو جي آر پريماداسا اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون ۽ هميشه جيان هن ميچ ۾ به تماشائين جي غير معمولي دلچسپي نظر اچي رهي آهي.
ان دلچسپي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اسٽيڊيم جون سموريون ٽڪيٽون اڳ ئي وڪرو ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته ايئرلائنز به ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن۔
ٻئي ٽيمون عالمي ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي خبرن ۾ رهيون، جنهن جو ڪارڻ بنگلاديش واري معاملي تي پاڪستان جو ڀارت سان ميچ کيڏڻ کان انڪار هو، ان کانپوءِ سريلنڪا، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاڪستان کي ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ لاءِ راضي ڪيو.
ميچ جي ٽڪيٽن لاءِ مداح هڙئي ذريعا استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آر پريماداسا اسٽيڊيم ۾ رڳو 28 هزار ماڻهن جي گنجائش آهي ۽ آءِ سي سي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل سموريون ٽڪيٽون اڳ ئي وڪرو ٿي چڪيون آهن.
برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ ڪرڪيٽ پرستان درشنا چمندا چيو ته ”هو ۽ سندس دوست آچر تي شيڊيول ميچ جي هڪ به ٽڪيٽ حاصل ناهن ڪري سگهيا.“
سندس چوڻ هو ته ”پاڪ-ڀارت ٽاڪرو ڏسڻ ڏاڍو پسند آهي، گهٽ ئي ائين ٿيندو آهي جو اسان اسٽيڊيم وڃون ۽ اتان جي ماحول مان لطف اندوز نه ٿيون.“
هڪ ٻئي ڪولمبو واسي جو چوڻ هو ته ” ڀارت ۾ رهندڙ سندس دوست ٽڪيٽن لاءِ درخواستون ڪري رهيا آهن، پر هو پاڻ به ڪائي ٽڪيٽ حاصل ناهي ڪري سگهيو .“
هن چيو ته ”آن لائن سڀ ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن ۽ ڀارت ۾ منهنجا دوست چون ٿا ته سندن لاءِ هتان ٽڪيٽ وٺي رکان، گهٽ ۾ گهٽ 20 ڄڻا مون کي ٽڪيٽن لاءِ چئي چڪا آهن. “
سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جي هڪ ميمبر برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته هنن کي هينئر تائين ٽڪيٽن لاءِ 88 هزار درخواستون ملي چڪيون آهن.
سندس چوڻ هو ته ”اسٽيڊيم ۾ 28 کان 30 هزار ماڻهن جي ويهڻ گنجائش آهي، اسان جو خيال آهي ته هي مقابلو ڏسڻ لاءِ وڏي انگ پاڪستاني ۽ ڀارتي شهري ايندا.“
ٻئي پاسي سريلنڪن حڪومتي ڪابينا ۾ شامل وزير نلندا جَياتسا جو چوڻ آهي ته حڪومت پاڪ-ڀارت ميچ جي موقعي تي اسٽيڊيم لاءِ خصوصي سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني حڪومت پهريان ميچ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر پوءِ سريلنڪا ۽ ٻين ڌرين جي وچ ۾ پوڻ تي پنهنجو فيصلو تبديل ڪيو.
پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ سبب ڀارت ۽ سري لنڪا وچ ۾ هوائي ٽڪيٽن جي قيمتن ۾ به ڳاٽي ٽوڙ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب،13 کان 16 فيبروري تائين نئين دهلي کان ڪولمبو ويندڙ اُڏامن جي هڪ ٽڪيٽ جو ڀاڙو 76 هزار کان هڪ لک ڀارتي رپين جي وچ ۾ آهي.
اهڙي ريت سريلنڪن ايئر لائنز ۽ انڊيگو جي ٽڪيٽن جا اگهه 60 هزار کان 1 لک 11 هزار ڀارتي رپين تائين پهچي ويا آهن.
برطانوي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ جي هاءِ وولٽيج ميچ لاءِ وڌيڪ 5 هزار ٽڪيٽون جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
بورڊ جي هڪ عهديدار تصديق ڪئي ته اٽڪل 5 هزار نيون ٽڪيٽون آن لائن وڪرو لاءِ پيش ڪيون وينديون.
سندس چوڻ هو ته وي آءِ پي ٽڪيٽ جي قيمت 50 هزار رپيا آهي، جڏهن ته 25 هزار، 20 هزار، 15 هزار ۽ 10 هزار رپين جون ٽڪيٽون به موجود آهن.