ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ 8 لک گهر تعمير ڪري ورتا آهن.
ايشيا پيسيفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمينٽ فورم 2026 کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو جو ويزن سنڌ پيپلز هائوسنگ دنيا جو سڀ کان وڏو نئين سر تعمير جو منصوبو آهي.
هن چيو ته ٻوڏ سبب 21 لک گهرن کي سخت نقصان پهتو هو، نئين سر تعمير لاءِ اسان کي 600 ارب (2 ملين ڊالر) جي ضرورت هئي، سڀني چيو ته اهو ممڪن ناهي، 4 کان 6 سالن جي ترقياتي بجيٽ ختم ڪرڻي پوندي، اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان اڳ عالمي بينڪ اسان جي مدد لاءِ آئي، ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ 400 ملين، اسلامڪ ڊيولپمينٽ بينڪ 200 ملين ڊالرن جو واعدو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته عالمي بينڪ، ايشيائي ۽ اسلامي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان هيل تائين 8 لک گهر تعمير ٿي چڪا آهن، هن سال 21 لک گهر تعمير ڪرڻ جو هدف مڪمل ڪنداسين.
You might also like