ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ سنڌ حڪومت ۽ ايس پي ايڇ ايف جي گڏيل ميزباني هيٺ تاريخي ”ايشيا پيسفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمينٽس فورم 2026“ جو شاندار افتتاح ڪيو ويو.
افتتاحي تقريب ۾ خاتونِ اول آصفه ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، سردار شاهه، نثار احمد کهڙو سميت دنيا جي 41 ملڪن مان 600 سفيرن، انساني امدادي ادارن، ماحولياتي، قدرتي آفتن سان لاڳاپيل ماهرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اٽو، لٽو ۽ اجهو پ پ جو منشور آهي، ايس پي ايڇ ايف بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي ۽ دنيا جو سڀ کان وڏو رهائشي بحالي منصوبو آهي، جنهن تحت سنڌ جي 21 لک ٻوڏ متاثرن لاءِ نوان گهر تعمير ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته نون گهرن جي تعمير سان گڏ عورتن کي به معاشي خودمختياري حاصل ٿي رهي آهي ۽ سمورن متاثرن کي جلد گهر فراهم ڪيا ويندا.
You might also like