ڪوٽڙي ڪبير (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڙي ڪبير ڀرسان قومي شاهراهه تي افسوسناڪ حادثي ۾ ٽي سڳا ڀائر فوت ٿي ويا.
ڪوٽڙي ڪبير ڀرسان تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي سڳا ڀائر جميل لاشاري، شڪيل ۽ ارشاد لاشاري چيڀاٽجي فوت ٿي ويا.
پوليس موقعي تي پهچي فوتين جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ۽ حادثي جو سبب بڻجندڙ ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
فوتين جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ ڪريمداد لاشاري ۾ ادا ڪئي وئي، هڪ ئي گهر مان ٽي جنازا کڄڻ تي قيامت صغريٰ جا منظر برپا ٿي ويا.
You might also like