ٽهڪ ۽ خوشيون ورهائيندڙ راجپال تهِاڙ جيل ۾ قيد، سلمان خان سميت اهم شخصيتن پاران مالي مدد جو اعلان

ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ اداڪار راجپال يادَو گذريل هفتي خميس ڏينهن چيڪ بائونس ڪيس ۾ دهلي جي تِهاڙ جيل ۾ سرينڊر ڪري ڇڏيو هو.
ان دوران ميڊيا تي سندس مالي پريشانين بابت خبرون نشر ٿيون، جنهن سوشل ميڊيا تي به بحث شروع ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ڪيئي ماڻهو اداڪار جي مدد لاءِ اڳتي اچي رهيا آهن.
راجپال يادَو جي حمايت ۽ مدد لاءِ بالي ووڊ جون اهم شخصيتون سامهون آيون آهن، جن ۾ سلمان خان ۽ اجئه ديوگن شامل آهن.
اڱاري ڏينهن اداڪار سونو سود به اعلان ڪيو هو ته هو پنهنجي ايندڙ هڪ پروجيڪٽ ۾ ڪم لاءِ راجپال يادَو کي اڳواٽ رقم ادا ڪندو.
ان کانسواءِ ڀارتي سياستدان لالو پرساد يادَو جي پٽ تيج پرتاپ به جيل ۾ قيد اداڪار جي مالي مدد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي راجپال يادَو جي مينيجر گولڊي دعويٰ ڪئي ته انڊسٽري جا ڪيترائي وڏا اداڪار مدد لاءِ اڳتي اچي رهيا آهن.
گولڊي چيو ته ”سلمان خان، اجئه ديوگن، ورون ڌون ۽ سونو سود سميت ڪيترن کي وڏن اسٽارز راجپال يادَو جي مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، مان هتي سڀني جا نالا ظاهر نٿو ڪري سگهان.“
واضح رهي ته چيڪ بائونس ڪيس ۾ دهلي هاءِ ڪورٽ راجپال يادَو کي 4 فيبروري تائين پاڻ کي جيل انتظاميا حوالي ڪرڻ جو وقت ڏنو هو، پر هو 5 فيبروري تي تِهاڙ جيل پهتو.
دهلي هاءِ ڪورٽ چيو هو ته ”عدالت جي هدايتن کي نظرانداز ڪرڻ قانون جي احترام ۾ کوٽ ظاهر ڪري ٿو ۽ اداڪار کي سندس پيشي يا فلمي صنعت سان واڳيل هئڻ سبب ڪا خاص رعايت نٿي ڏئي سگهجي.“
ميڊيا رپورٽن موجب، تِهاڙ جيل وڃڻ کان اڳ راجپال يادَو جذباتي ٿي ويو هو.
ٻئي پاسي سلمان خان جي پي آر ايجنسي به تصديق ڪئي ته هو راجپال يادَو جي مدد ڪندو، جڏهن ته نوازالدين صديقي جي پي آر طرفان به مدد خاطري ڪرائي وئي آهي.
هوڏانهن سياستدان تيج پرتاپ سوشل ميڊيا تي لکيو ته هو ۽ سندس پارٽي راجپال يادَو جي ڪٽنب سان ايڪي جو اظهار ڪن ٿا ۽ 11 لک رپيا مالي مدد طور فراهم ڪندا.
اداڪار گرمِيت چوڌري به فلم انڊسٽري سان واڳيل ماڻهن اپيل ڪئي ته هو اڳتي اچن، ڇو ته راجپال يادَو جهڙو سينيئر ۽ باصلاحيت فنڪار ڏکئي مرحلي مان گذري رهيو آهي ۽ هن سدائين ٽهڪ ۽ خوشيون ورهايون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.