رمضان شروع ٿيندي ئي ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي رمضان مهيني جي شروعات ۾ ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انجم نذير موجب رمضان جي شروعات تي اولهه هوائن جو نئون سلسلو ملڪ ۾ داخل ٿيندو، سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي ۾ برسات جو امڪان آهي.
هن ٻڌايو ته رمضان جا 20 ڏينهن موسم وچولي رهندي ۽ گرمي پد 34 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
سندس چوڻ هو ته رمضان جي آخري ڏينهن ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.