ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان 31 مارچ کان 15 اپريل تائين ورتا ويندا.
تعليم واري وزير سيد سردار شاهه جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يونيورسٽين ۽ بورڊن بابت وزير اسماعيل راهو سميت ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ اڪيڊمڪ شيڊيول، امتحانن، موڪلن سميت اهم فيصلا ڪيا ويا، اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس ۾ نئون تعليمي سال پهرين اپريل کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
رمضان دوران اٺين جماعت تائين امتحان معمول موجب مارچ ۾ ٿيندا، نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان 31 مارچ کان 15 اپريل تائين ٿيندا، جڏهن ته يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان 15 اپريل کان 30 اپريل تائين ٿيندا.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انٽرميڊئيٽ جا نتيجا پهرين جون کان جاري ڪيا ويندا، گرمين جون موڪلون جون ۽ جولاءِ ۾ ٿينديون.
You might also like