آءِ سي سي جو ايشيائي ملڪن ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ وڏو فيصلو، پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ عملدرآمد ٿيندو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ بگڙندڙ لاڳاپن جي حوالي سان اهم فيصلو ڪيو آهي، جنهن تي عملدرآمد پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ ڪيو ويندو.
ان ڳالهه جي تصديق بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر امين الاسلام مقامي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪئي.
بي سي بي صدر جو چوڻ هو ته 15 فيبروري تي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ آءِ سي سي ايشيائي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊن جي سربراهن کي دعوت ڏني آهي ۽ هڙئي سربراهه پويلين ۾ به گڏ ويٺل نظر ايندا.
سندس چوڻ هو ته دعوت ڏيڻ جو مقصد ايشيائي ملڪن جي سربراهن وچ ۾ رابطا بحال ڪرائڻ آهي ته جيئن مسئلن جو حل ڳولي سگهجي.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر جو چوڻ هو ته آءِ سي سي طرفان اها ملاقات ڪولمبو ۾ رکي ويندي، جيڪا اجلاس جي صورت ۾ هوندي.
اجلاس ۾ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، سريلنڪا ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ بورڊز جا سربراهه شرڪت ڪندا.
امين الاسلام موجب، ان اجلاس جو مقصد ڀارت، بنگلاديش ۽ پاڪستان وچ ۾ ورلڊڪپ کان اڳ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ لاڳاپا بهتر بڻائڻ آهي، جنهن سبب عالمي ڪرڪيٽ جو ماحول به متاثر ٿيو.
امين الاسلام وڌيڪ چيو ته آءِ سي سي جي خواهش آهي ته 15 فيبروري کان اڳ اها ويهڪ ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.