ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلمساز ڪرن جوهر جي جڳ مشهور شو ”ڪافي وِد ڪرن“ جي هڪ وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اداڪار اڪشي کنا جي “ريزرو“ رهندڙ شخصيت تي روشني وڌي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، وائرل وڊيو ڪلپ ڪافي پراڻي آهي، جنهن ۾ ويجهڙائي شهرت جي بلندين کي ڇهندڙ پهتل اڪشي کنا جو ذڪر آهي.
فلم ” ڌُرنڌَر “ ۾ منفي ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي اداڪاري سبب سرخين ۾ رهندڙ اڪشي کنا بابت اداڪارا ڪنگنا رناوت هن وڊيو ڪلپ ۾ چيو ته هو(اڪشي کنا) پاڻ کي گهڻو محدود يا ”ريزرو“ رکندو آهي.
واضح رهي ته ڪافي ود ڪرن جي ٽئين سيزن جي هڪ قسط ۾ اداڪارا ڪنگنا رناوت اداڪار انيل ڪپور ۽ سنجي دت سان گڏ شو ۾ شرڪت ڪئي هئي.
شو دوران ميزبان ڪرن جوهر کائنس پڇيو ته ڇا هن ڪڏهن ڪنهن اهڙي شخص سان فلرٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن هن کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو هجي؟
ان سوال جي جواب ۾ ڪنگنا رناوت بنا ڪنهن هٻڪ جي اڪشي کنا جو نالو کنيو هو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ”مون هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن ڪڏهن به جواب نه ڏنو، هو ڳالهائيندو ئي ناهي، هو ڪنهن سان به ناهي ڳالهائيندو.“
اداڪار انيل ڪپور مزاحيه انداز ۾ ڪنگنا جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته ”ها، ڪنگنا مون کي چيو ته يار! هي ته مون ڏانهن ڏسي ئي نه ٿو.“