جيڪو هٿيار ڦٽا نه ڪندو اهو مَرندو: ضياءُ الحسن لنجار ڌاڙيلن کي خبردار ڪري ڇڏيو

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪچي جي ڌاڙيلن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪو هٿيار ڦٽا نه ڪندو اهو مرندو، جلد ڌاڙيلن کي وڏو سرپرائز ڏينداسين.
ضياءُ الحسن لنجار گهوٽڪي جي علائقي راونتي ۾ قائم بند جو دورو ڪيو ۽ ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو به ساڻس گڏ هو.
صوبائي وزير چيو ته جيڪو هٿيار ڦٽا نه ڪندو اهو مرندو، ڌاڙيلن کي جلد وڏو سرپرائز ڏينداسين، ڪچي ۾ رياستي رٽ جي قيام تائين آپريشن ”نجاب مهراڻ“ جاري رهندو.
هن چيو ته ڏوهارين خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري آهي، رڳو ٻن هنڌن کانسواءِ ڪچي جو علائقو تقريبن ڪليئر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.