ڊي آءِ خان: دهشتگردن جو پوليس تي حملو، ايس ايڇ او سميت 4 اهلڪار شهيد

ڊي آءِ خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي وانڊا بڍ ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او سميت 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
وانڊا بڍ ۾ دهشتگردن پوليس آپريشن پارٽي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او فهيم ممتاز، ڪانسٽيبل توقير، ڪانسٽيبل عرفان ۽ ڪانسٽيبل غلام رباني شهيد ٿي ويا.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڊي ايس پي حافظ عدنان ۽ ڊرائيور طارق خان زخمي ٿي پيا.
واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي ۽ شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.