پاڪستان دشمن پاليسي ناڪام ٿي وئي، بي جي پي ڀارت کي نقصان پهچائي رهي آهي: ششي ٿرور

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پارليامينٽ ميمبر ۽ ليکڪ ششي ٿرور چيو آهي ته پاڪستان کي دشمن بڻائي رکڻ جي ڀارتي پاليسي ناڪام ٿي وئي آهي.
انڊين ايڪسپريس ۾ پنهنجي مضمون ۾ ششي ٿرور لکيو ته ڀارت ۾ پاڪستان دشمن پاليسي تي سوال اٿي رهيا آهن، بي جي پي جو بيانيو اندروني سطح تي چيلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه شڪست ناهي.
هن وڌيڪ لکيو ته بي جي پي جو سخت موقف غلط ثابت ٿيو آهي، تڪرار جي سياست نه رڳو خطي کي غير محفوظ بڻائي رهي آهي پر ڀارت جي سفارتي مفادن کي به نقصان پهچايو، پاڪستان مخالف بيانيو سياسي فائدي لاءِ استعمال ڪيو ويو، پاڪستان سان ڳالهين بنا امن ممڪن ناهي.
سندس موجب بي جي پي جي جنگي سوچ تي سوال اٿي رهيا آهن، امن کي ڪمزوري سمجهڻ غلط آهي، پاڪستان کي عالمي سطح تي الڳ ڪرڻ جون ڪوششون به ڪامياب ثابت نه ٿيون ۽ اها پاليسي پاڻ کي دوکو ڏيڻ جهڙي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.