اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)بچاءَ واري وزير خواجه آصف جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ ڌماڪو ڀارت ۽ طالبان جو ڳٺ جوڙ آهي.
هڪ بيان ۾ خواجه آصف چيو آهي ته مسجد ۾ نمازين کي نشانو بڻائيندڙ دين ۽ وطن ٻنهي جا دشمن آهن، آپگهاتي بمبار جو افغانستان ۾ اچڻ وڃڻ ثابت ٿيو آهي.
هن چيو ته ڀارت ۽ طالبان جي ڳٺ جوڙ جا پيرا ملي رهيا آهن، سيڪيورٽي گارڊز آپگهاتي بمبار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي جواب ۾ دهشتگرد فائرنگ ڪئي.
بچاءَ واري وزير موجب، نمازين جي آخري صف ۾ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، انشاءَ الله هن ظلم جو جواب رياست پوري طاقت سان ڏيندي.
خواجه آصف وڌيڪ چيو ته ڀارت شرمناڪ شڪست کانپوءِ پنهنجي پراڪسيز ذريعي جنگ وڙهي رهيو آهي، ڇو ته هاڻي ان ۾ سڌي ريت ويڙهه جي جرئت ناهي رهي.
اسلام آباد امام بارگاهه حملي ۾ ڀارت ۽ طالبان جي ڳٺ جوڙ جا پيرا ملي رهيا آهن: خواجا آصف
You might also like