دل جو دورو تڏهن پوندو آهي جڏهن دل تائين رت پهچائڻ وارو وهڪرو گهٽجي وڃي يا مڪمل طور تي بند ٿي وڃي.
عام طور تي شريان چرٻي، ڪوليسٽرول ۽ ٻين مادن جي گڏ ٿيڻ سان بلاڪ ٿي وڃن ٿا، جنهن سان دل تائين رت پهچڻ ۾ رنڊڪ پيدا ٿئي ٿي. ڪوليسٽرول جي هن گڏجڻ کي پليگ چئبو آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن رت جي ڄمڻ جو سبب بڻجي رت جي رواني کي متاثر ڪري ٿو.
دل جو دورو ٿيڻ جا ڪجهه خطرا اسان جي قابو ڪرڻ کان ٻاهر هوندا آهن، جهڙوڪ خاندان جي تاريخ، جينز ۽ عمر وغيره. پر ڪجهه اهڙيون عادتون ۽ حالتون به هونديون آهن، جيڪي اسان جي زندگي تي اثرانداز ٿي دل جي بيمارين جو سبب بڻجن ٿيون. جن تي ضابطو آڻي اسان دل جي دوري واري خطرن کي نه رڳو گهٽائي پر مڪمل طور تي ختم به ڪري سگهون ٿا.
ننڍين ڳالهين تي گهڻو غصو ڪرڻ
جيڪڏهن توهان هر ننڍڙي ڳالهه تي گهڻي ڪاوڙ ۾ اچي ويندا آهيو، ته اهو دل جي دوري جو سبب بڻجي سگهي ٿو. تحقيق موجب، جن ماڻهن کي دل جو دورو ٿيو، انهن مان ڪيترن کي دورو پوڻ کان 2 ڪلاڪ اڳ شديد ڪاوڙ آئي هئي. انڪري پنهنجي ڪاوڙيل ۽ تيز طبيعت کي ٿورو هلڪو ڪيو اها توهان لاءِ موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
اسڪرين اڳيان گهڻو وقت گذارڻ
جيڪڏهن توهان روز 4 يا ان کان وڌيڪ ڪلاڪ ٽي وي ڏسڻ يا ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ ۾ گذاريندا آهيو، ته دل جي بيمارين جو خطرو ٻيڻو ٿي سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ويهڪ ڪرڻ پوءِ اها اسڪرين جي اڳيان هجي يا ائين ئي عام ويهڻ هجي، ان عمل سان جسم ۾ چرٻي کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت گهٽجي ٿي. جنهن جي ڪري دل جي بيمارين ۽ دل جي دوري جا خطرا وڌي ويندا آهن، ان لاءِ اهو ضروري آهي ته توهان هڪ ته اسڪرين جي آڏو گهڻو وقت نه گذاريو ٻيو ته توهان پنهنجي جسم کي متحرڪ رکڻ لاءِ مختلف سرگرميون ڪيو.
ننڊ جي گهٽتائي
جيڪڏهن توهان روز 6 ڪلاڪن کان گهٽ ننڊ ڪندا آهيو، ته دل جي دوري جو امڪان پنجوڻ تي وڌيڪ هوندو آهي.
گهڻي گرمي يا سردي
هڪ تحقيق ظاهر ڪيو آهي ته تمام گهڻي گرمي يا سردي ۾ رهڻ سان دل جي دوري جو خطرو وڌي ويندو آهي.
هوائي گدلاڻ
ماحول ۾ آلودگي وڌڻ سان دل جي دوري جا امڪان 48 سيڪڙو وڌيڪ هوندا آهن.
فلو ٿيڻ
فلو ٿيڻ کان هڪ هفتي اندر دل جي دوري جو خطرو ڇهه ڀيرا وڌائي ڇڏيندو آهي. ڇو ته جسماني مدافعت، دل ۽ شرياني نظام کي متاثر ڪري سگهي ٿي.
غير صحتمند کاڌو
فاسٽ فوڊ ۽ وڌيڪ مٺاڻ دل جي بيمارين جو اهم سبب بڻبي سگهن ٿا.
جذباتي صدمو
اولاد، پيءُ ماءُ يا گهرواري توڙي ڀائرن ۽ ڀينرن سميت ويجهي رشتن جي ملندڙ جذباتي صدما به دل جي دوري جو سبب بڻبا آهن، شادي کانپوءِ طلاق عورتن توڙي مردن، جوان اولاد ۾ جهيڙا يا ڪا ناڪامي انهن جي ماءُ پيءُ لاءِ جڏهن اهڙي ئي قسم جا ٻيا صدما دل جي دوري جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
ان لاءِ توهان کي پنهنجي جيون ۾ ساديون ۽ صحتمند عادتون اختيار ڪري، اهڙن خطرن کان بچي سگهو ٿا.