رات جو ننڊ ڦٽائڻ جو سبب بڻجندڙ عام عادتون!

ڇا توهانکي رات جي ننڊ ڦٽائيندڙ پنهنجي هڪ عام عادت بابت خبر آهي؟

ڇا توهان کي اڪثر رات جو سٺي ننڊ نٿي اچي؟، گهڙي گهڙي جاڳڻ جو مسئلو توهان جي ننڊ لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي؟

جيڪڏهن توهان جو جواب ها آهي، ته ان جي پٺيان جو وڏو سبب شايد توهان جي نوڪري ٿي سگهي ٿي.

ها، جيڪڏهن توهان سڄو ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ ويٺي ڪم ڪندا آهيو، ته ان جو نتيجو بي خوابي ۾ واڌ ٿيڻ جو سبب بڻبو آهي.

اهڙي خبرداري آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ڏکڻ فلوريڊي يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سست طرز زندگي مطلب گهڻو وقت ويٺي گذارڻ سان مختلف بيماريون پيدا ٿيڻ جو خطرو وڌي ٿو، پر اها عادت توهان جي ننڊ تي به اثر انداز ٿيندي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان اڳ ۾ ئي ڄاڻون ٿا ته ننڊ اسان جي صحت ۽ تعميراتي صلاحيتن کي بهتر بنائي ٿي، پر هاڻوڪي دور ۾ گهڻي قدر نوڪرين جو انداز اهڙو آهي جيڪو ننڊ کي متاثر ڪري ٿو.

تحقيق ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ نوڪري واري ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو جيڪو 10 سالن تائين گڏ ڪيو ويو هو.

هن ڊيٽا کي گڏ ڪندي اهو ڏٺو ويو ته وڌيڪ وقت ويٺي ڪم ڪرڻ سان ماڻهن جي ننڊ تي ڪهڙا اثر ٿين ٿا.

2004 کان 2006 تائين انهن ماڻهن کان ننڊ جون عادتون ڄاڻيون ويون، ۽ پوءِ 2013 کان 2017 تائين ٻيهر معلوم ڪيون ويون.

تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته ننڊ جي صحت جو جائزو وٺڻ لاءِ ان جي مدي، لڳاتاري، بي خوابي جا آثار، قليلي جون عادتون، ڏينهن دوران ٿڪاوٽ ۽ سمهڻ ۾ وقت لڳڻ جهڙا عنصر موجود آهن.

10 سالن کان پوءِ ماڻهن کي 3 گروپن ۾ ورهايو ويو: هڪ گروپ انهن جو جنهن کي سٺي ننڊ ايندي آي، ٻيو گروپ بي خوابي جا شڪار ماڻهو ۽ ٽيون گروپ انهن جو جيڪي قليلو يا ننڍ ۾ دير جي ڪري گهڻي ننڊ ڪندا هئا.

تحقيق مان اها خبر پئي ته نائيٽ شفٽ ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو گهڻو ڪري ٽئين گروپ ۾ شامل هئا، مطلب ته هو پنهنجي ننڊ کي تعطيل يا قليلي ذريعي پورو ڪندا هئا. ان جي ڀيٽ ۾ ڏينهن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو سٺي ننڊ ڪندڙ يا بي خوابي سان متاثر ماڻهن ۾ ورهائجي ويا.

تحقيق ۾ اهو پڻ ڳڻيو ويو ته بي خوابي سان متاثر ماڻهن ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن جون علامتون 10 سالن کانپوءِ به برقرار رهيون.

پراڻين تحقيقن مان اها خبر پئي ته ٿي چڪو آهي ته بي خوابي جا شڪار ماڻهو دل جي شريانن جا مسئلا، دل جي دوري، فالج، ذيابيطس، ڊپريشن ۽ جسماني ڪمزوري جا وڌيڪ خطرا محسوس ڪندا آهن.

نئين تحقيق ۾ هڪ دلچسپ ڳالهه اهو سامهون آئي آهي ته ڪمپيوٽر يا ٽيڪنالاجي جو وڌيڪ استعمال ننڊ تي منفي اثر نٿو وجهي.

محققن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان جو ڪم گهڻو وقت ويٺي گذرڻ وارو آهي، ته ننڊ جي مسئلن کان بچڻ لاءِ ڪجهه آسان تبديليون آڻڻ تي غور ڪيو وڃي.

مثال طور، هر هڪ ڪلاڪ بعد مختصر وقفن ۾ جسم کي حرڪت ڏيو، جيئن هلڪو ئي پر پنڌ ضرور ڪيو يا ڏاڪڻيون چڙهڻ پنهنجي کي عادت بڻايو، ۽ رات جو سمهڻ کان 2 ڪلاڪ اڳ اسمارٽ فون ۽ ڪمپيوٽر کان پري رهو.

محققن جي موجب انهن طريقن سان رات جي وقت سٺي ننڊ ۾ مدد ملندي.

هي تحقيق "جرنل آف اوڪيپيشنل هيلٿ سائڪالاجي” ۾ ڇپي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.