ڪراچي(رپورٽر ) کاٻي ڌر، قوم پرست، هارين، مزدورن سان لاڳاپيل جماعتن تي ٻڌل پاپولر ليفٽ الائينس طرفان ڪراچي پريس ڪلب ۾ سڏايل جمھوري قوتن جي ڪانفرنس ۾ شريڪ سڀني سياسي پارٽين جي اڳواڻن، نمائندن هڪ قومي ڪانفرنس ۾ مختلف قرار دادون پاس ڪندي بلوچستان جي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ اتي پيدا ٿيل حالتن جي ذميواري رياستي ادارن تي وجهندي مطالبو ڪيو ته بلوچستان مسئلي جو حل سياسي ۽ جمهوري طريقن سان ۽ اتان جي عوام جي خواهشن مطابق ڪڍيو وڃي، پاڪستان ۾ جمهوري ادارن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ غير جمهوري قوتن جي سياست ۽ رياستي معاملن ۾ مداخلت مڪمل طور ختم ڪئي وڃي، ملڪ کي گهڻ قومي رياست قرار ڏئي، سڀني قومي وحدتن کي برابر حيثيت ڏني وڃي، کين پنهنجن وسيلن تي مڪمل اختيار ڏئي سندن حق حڪمراني تسليم ڪيو وڃي، وفاق وٽ رڳو اهي اختيار هجن، جن تي وفاقي وحدتن جون چونڊيل اسيمبليون متفق ٿين. يعني اختيارن جي منتقلي وفاق کان صوبن ڏانهن ڪرڻ بدران، صوبن کان وفاق ڏانهن اختيار ڏيڻ جو طريقو اختيار ڪيو وڃي. انتظامي بنيادن تي قومي وحدتن کي ٽوڙي نوان صوبا ٺاهڻ جون ڪوششون ختم ڪيون وڃن، وفاق کي سيڪيولر بنيادن تي سڀني شهرين کي برابر حيثيت، برابر حق ۽ برابر تحفظ مهيا ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي گذريل پنجن سالن دوران آئين ۾ ڪيل سڀ تبديليون، خاص طور تي پيڪا قانون، 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمون، مائيننگ اينڊ منرل ايڪٽ، گرين ٽوئرزم، ايس آءِ ايف سي ۽ ان جي تحت ٺاهيل سڀ ادارا، ڪيل سڀ فيصلا ۽ شروع ڪيل سڀ منصوبا مڪمل طور ختم ڪيا وڃن، ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن لاءِ سڄي ملڪ ۾ مخصوص ڪيل لکين ايڪڙ زمينن جا نوٽيفڪيشن واپس ورتا وڃن، ۽ اهي سڀ زمينون مقامي بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن، شهرين کي اغوا ڪري گم ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، سڀني گم ڪيل شهرين کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ هر شهري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، فورتھ شيڊول، ڊيٿ اسڪواڊ ۽ سي ٽي ڊي ختم ڪيا وڃن، ايمان مزاري، هادي چٺا، ڊاڪٽر ماهرنگ، علي وزير، ادريس خٽڪ، ڊاڪٽر ياسمين راشد، گلگت بلتستان جي شاڪر قراقرمي، نصرت حسين، ڪشمير جي صحافي سهراب برڪت سميت سڄي ملڪ مان گرفتار ڪيل ۽ سزا يافته سڀ سياسي قيدي، ملازم، مزدور ۽ استاد فوري طور آزاد ڪيا وڃن. سالار فياض علي، شبير مايار ۽ ٻين تي قائم ڪوڙا ڪيس واپس ورتا وڃن، زرعي سڌارا آڻي اضافي زمينون ۽ سموري سرڪاري زمين مقامي بي زمينون هارين ۾ ورهايون وڃن، مهانگائي ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ رياست جي انتظامي خرچن، خاص طور آفيسر شاهي لاءِ مخصوص بجيٽ مان 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ تعليم ۽ صحت جي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي. حڪمرانن جا صوابديدي فنڊ ختم ڪيا وڃن. بجلي، گئس، پيٽروليم شين ۽ توانائي جي سڀني ذريعن جي قيمتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي۔نجڪاري ۽ آئوٽ سورسنگ جو سلسلو مڪمل طور ختم ڪري اڳ ۾ خانگي بڻايل سڀ ادارا ملڪي ماهرن، تجربيڪار ملازمن ۽ مقامي افرادي قوت وسيلي هلائڻ جو رستو اختيار ڪيو وڃي، شاگرد يونينون بحال ڪيون وڃن ۽ سڀني صنعتي ادارن، پبلڪ يوٽيلٽيز سميت، ملازمن ۽ محنت ڪشن جي نمائندگي لاءِ چونڊون ڪرايون وڃن، مزدورن ۽ ملازمن جي پگهارن ۾ مهانگائي جي تناسب سان اضافو ڪيو وڃي، زراعت کي تباهي کان بچائڻ لاءِ مناسب اگهه مقرر ڪيا وڃن ۽ مهانگائي روڪڻ لاءِ خوراڪ تي رعائت ڏني وڃي، ڪانفرنس گل پلازا جي تازي واقعي ۾ متاثر ٿيل سڀني خاندانن سان ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ حادثن ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ۽ انهن دل ڏکوئيندڙ واقعن ۾ ملوث ڏوهارين کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سڀ ضروري حفاظتي انتظام يقيني بڻايا وڃن، جمهوري قوتن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن ملڪ ۽ ملحق رياستن جي پريس ڪلبن تي رياستي ادارن طرفان وڌندڙ دٻاءَ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته صحافين ۽ پريس ڪلبن کي هراسان ڪري ڪراچي پريس ڪلب جو گهيراء ڪرڻ بند ڪيو وڃي، ڪانفرنس ۾ آمريڪا جي وينزويلا ۾ اختيار ڪيل سامراجي غنڊه گردي ۽ ايران تي حملي جي تيارين جي پڻ سختي سان مذمت ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته آمريڪا جي انھن عملن جي خلاف سخت موقف اختيار ڪيو وڃي .ان موقعي تي پاپولر فرنٽ جي ڪنوينر ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ عمران خان آمر قوتن جي سهڪار سان سياست ۽ اقتدار ۾ آيو هو، اسان کيس جمهوري قوت نه ٿا سمجهون، اڄ به ملڪ ۾ مارشل لا لڳل آهي، ھن چيو ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جمهوريت مخالف قوتن ۽ انهن جي عملن ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن،سموري ملڪ ۾ پيڪا ائڪٽ ۽ غير جمهوري نظام ڪري بند ڪمرن ۽ چئن ڀتين اندر به اظهار جي آزادي ختم ٿيل آهي، سنڌ جي پي پي پي حڪومت جي هدايت تي ڪراچي پريس ڪلب جو مسلسل گهيراء ۽ ڪانفرنس ايندڙ 8 عورتن، مردن ۽ بيمار سياسي ڪارڪن جي گرفتاري ثابت ڪيو آهي ته پيپلزپارٽي جمهوري، عوامي، انساني حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ تي يقين رکندڙ پارٽي نه رهي آهي. عوامي تحريڪ جي سينئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته ايس آئي ايف سي بعد 18 ترميم بعد خاتمو ٿي چڪو آهي، ايمان مزاري ۽ سندس ور کي پيڪا ائڪٽ تحت 17,17 سال سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته ملڪ جو آئين ٽوڙيندڙ، جمهوريت جو بار ٻار تختو اونڌو ڪندڙ، ون يونٽ قائم ڪندڙ، عدليه ۽ پارليامينٽ کي يرغمال بڻائيندڙ ادارن ۽ آمرن کي ته هڪ مهينو به سزا نه ملي آهي، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ڪراچي ۾ دهشتگردن کي منظم ڪري سنڌ کي ورهائڻ لاءِ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، جڏهن ته سنڌ، بلوچستان اول ئي وفاق جي حوالي ٿيل آهن، سامونڊي پٽي، سمنڊ، معدنيات بعد سياحت کي ترقي جي نالي ۾ گورک هل ڪارونجهر ۽ ٻين سياحتي مرڪزن ،ڪچي جي زمينن تي پيپلزپارٽي جي ساٿ سان آمر قوتون قبضو ڪري رهيون آهن. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو چيو ته 73 جو آئين قومي، جمهوري حقن جي ضمانت نه آهي، ان وسيلي سنڌ جا وسيلا قبضي ڪيا ويا آهن، 1940 جي قرارداد موجب سنڌ پنهنجي رضا مندي سان شامل ٿي هئي، سنڌ ڪو فتح ڪيل علائقو نه آهي، هن چيو ته 26,27 ترميم وسيلي سمورا حق ضبط ڪيا ويا آهن، آمريت خلاف قومي جمهوري حقن لاءِ هڪ وسيع اتحاد جي ضرورت آهي ۽ جيڪي اسان سان ڪجهه نقطن تي متفق ٿين انهن سان به الڳ اتحاد ٿيڻ گهرجي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي ) جي مرڪزي اڳواڻ منير نائچ چيو ته ملڪ مٿان هڪ سياسي آمر پارٽي جو قبضو آهي، ملڪ ۾ پهرين ڏينهن کان ئي آمريت جو قبضو ٿي چڪو آهي، انهن جناح ۽ لياقت علي کي پنهنجي رستي تان هٽائي ڇڏيو،هن چيو ته ڪورٽ جي فيصلن جي ڀڃڪڙي ٿيندي رهي آهي، 8 فيبروري تي چونڊن مٿان ڌاڙو هنيو ويو، هاڻي احتجاج سان گڏ مزاحمت جي به ضرورت آهي. عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ خادم ٽالپر چيو ته سنڌ کي حڪمرانن تباھ ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ لکين ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ خوراڪ نه آهي، ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ٻار اسڪول نه ٿا وڃن، هن چيو ته ملڪ ۾ عوامي جمهوري نظام جي لاءِ سڀني کي اڳتي اچڻو پوندو، سنڌ ۽ ملڪ جي خوشحالي لاءِ جمهوري، انساني حقن جي ضرورت آهي، ان موقعي تي جمون ڪشمير پيپلز نيشنل پارٽي جي سربراهه سلطان احمد، انقلابي پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر رمضان ميمڻ، مهناز رحمان، سنڌ هاري ڪميٽي جي اقبال احمد، مزدور ڪسان پارٽي جي ڪامريڊ عتيق ،شمس سولنگي، قمر عباس، عائمه نقوي ،گلگت بلتستان ڪامريڊ حسنين ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته عام شهري مهانگائي، بي روزگاري ،غربت جو شڪار آهن، ملڪ ۾ پارليامينٽ جون سيٽون وڪرو ٿين ٿيون، گلگت بلستان جيل بڻجي چڪو آهي، بلوچستان ۾ نوجوان مجبور ٿي جبلن جو رستو اختيار ڪيو آهي، ملڪ کي سياسي، اقتصادي ،سماجي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ملڪ اندر جمهوريت بحال ڪري قومي حقن کي تسليم ڪري ملڪ اندر سياسي استحڪام پيدا ڪيو وڃي.