واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) خبردار ڪيو آهي ته پاسداران انقلاب جي ڪنهن به غير محفوظ قدم کي برداشت نه ڪيو ويندو.
سينٽڪام چيو آهي ته ايران آبنائي هرمز ۾ بحري مشقن جو اعلان ڪيو آهي، پاسداران انقلاب سمنڊ ۾ شرپسندي کان پاسو ڪري.
سينٽڪام موجب آبنائي هرمز مان روز 100 کان وڌيڪ واپاري جهاز گذرندا آهن، ايراني مشقون محفوظ، پيشيوراڻي انداز ۾ ٿيڻ گهرجن، اهي عالمي ميري ٽائم ٽريفڪ جي آزاد چرپر لاءِ خطرو نه هجڻ گهرجن.
سينٽڪام خبردار ڪيو ته آمريڪي فورسز، علائقائي پارٽنرز ۽ ڪمرشل جهازن ڀرسان غير محفوظ ۽ غير پيشيوراڻي رويي سان ڇڪتاڻ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو.
سينٽڪام موجب پاسداران انقلاب جي ڪنهن به غير محفوظ قدم کي برداشت نه ڪنداسين ۽ آمريڪي اهلڪارن، جهازن جو تحفظ يقيني بڻائينداسين.
You might also like