واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڳجهي طور تي ايران کي ڊيڊ لائن ڏئي ڇڏي آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران ڊيڊ لائن کان اڳ جوهري معاهدو قبول نه ڪيو ته تمام وڏي فوجي ڪارروائي ڪنداسين.
هن چيو ته ايران کي ڊيڊ لائن ڏيڻ سان گڏ ئي خطي ۾ آمريڪي فوجين جي چرپر تيز ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته تازي اڳڀرائي ۾ هڪ آمريڪي ميزائل بردار جهاز ارسائيل جي احمر سمنڊ جي شهر ايلات جي بندرگاهه تي لنگرانداز ٿيو آهي.
آمريڪي صدر ڊيڊ لائن جو مدو ظاهر نه ڪيو پر چيو ته رڳو مان ئي ڄاڻان ٿو ته ڊيڊ لائن ڇا آهي، اميد ته معاهدو ٿي ويندو نه ته ڏسنداسين ڇا ٿو ٿئي.
You might also like