ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي هنگامي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي کيس فتنه الهندستان جي تازي دهشتگرد حملن ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.
بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ محسن نقوي هيڊ ڪوارٽرز ڪوئيٽا جو دورو ڪيو، جتي کيس فتنه الهندستان جي دهستگردن جي حملن ۽ سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ ۾ بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي ۽ ڪور ڪمانڊر بلوچستان به شريڪ هئا، گهرو وزير سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪارروائي کي ساراهيو.
محسن نقوي دهشتگرد حملن ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن ۽ شهرين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته شهيدن پنهنجون جانيون قربان ڪري دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف جاري جنگ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو.
گهرو وزير جو ڪوئيٽا جو هنگامي دورو، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي: محسن نقوي
You might also like