” سيريل ڪِسر“ سڃاڻپ هئي، بولڊ منظر ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو: عمران خان هاشمي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي پنهنجي مشهور تڪراري بولڊ اِميج بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته اها سڃاڻپ هڪ وقت ۾ سندس ڪاميابي جو سبب بڻي، پر پوءِ ساڳي اِميج سندس فلمي ڪيريئر جي رستي ۾ رنڊڪ بڻجي وئي.
عمران هاشمي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته سندس مشهور ”سيريل ڪِسر“ وارو ٽيگ اتفاق نه هو، پر ان دور ۾ ڄاڻي واڻي ان کي اُڀاريو ويو هو، ڇو ته اهڙيون فلمون ڪمرشل طور ڪامياب هيون ۽ هو پاڻ به ان اِميج کي انجواءِ ڪري رهيو هو، بولڊ منظرن ۾ مزو ايندو هو.
اداڪار انڪشاف ڪيو ته ان وقت سندن مارڪيٽنگ ساڳي اِميج جي چوڌاري ڦرندي هئي ۽ ميڊيا به ان عمل ۾ شامل هئي، پر هڪجهڙا ڪردار ادا ڪندي ڪندي کيس احساس ٿيو ته پاڻ کي بدلائڻ ضروري آهي.
هن چيو ته هر 10 کان 14 سالن دوران نئون نسل سينيما گهرن جو رخ ڪري ٿو ۽ نوَن ڏسندڙن لاءِ پاڻ کي نئين انداز ۾ پيش ڪرڻ تمام ضروري هوندو آهي.
عمران هاشمي چيو ته هر اِميج جي هڪ حد هوندي آهي، اوهان ڪنهن به شيءِ کي هڪ حد تائين ئي نپوڙي سگهو ٿا ۽ مان ان کي مڪمل طور استعمال ڪري چڪو هوس، تنهنڪري تبديلي اڻٽر هئي.
ان باوجود اداڪار اعتراف ڪيو ته پراڻو ٽيگ ڇڏڻ باوجود اهو اڃا تائين ساڻس چنبڙيل آهي، ڇو ته ڪنهن هڪ مخصوص ڪردار يا اِميج مان نڪرڻ سولو ناهي هوندو.
ٽائپ ڪاسٽنگ (هڪ ئي قسم جا ڪردار) مان ڇوٽڪاري بابت ڳالهائيندي عمران هاشمي چيو ته ان لاءِ رسڪ کڻڻ ۽ ورسٽائل هئڻ ضروري آهي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته اداڪار کي گهرجي ته مختلف ۽ چيلينجنگ ڪردار چونڊي، جيئن اسڪرين تي پنهنجي صلاحيتن کي ثابت ڪري سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته اڳتي وڌڻ لاءِ جرئتمنداڻا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن ۽ اهڙا ڪم ڪرڻا پوندا آهن، جيڪي اوهان جي ورسٽيلٽي کي ثابت ڪن، ۽ اهو ئي واحد رستو آهي.
واضح رهي ته عمران هاشمي هن وقت پنهنجي ايندڙ فلم” آواره پن 2“ جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي، جيڪا 2007 ۾ رليز ٿيل فلم جو ٻيو حصو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.