چُمين وارن منظرن سبب فلمون ٿڏڻ تي اڄ پڇتائي رهي آهيان: سونم باجوا

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي پنجابي فلم انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا سونم باجوا باليووڊ فلمن جون آڇون رد ڪرڻ ۽ پوءِ پڃتائڻتي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
سونم باجوا هڪ انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو ته هن بالي ووڊ جي ڪيترين ئي فلمن جون آڇون رڳو ان ڪري رد ڪري ڇڏيون، ڇاڪاڻ ته انهن فلمن ۾ ”ڪسنگ سين“ شامل هئا.
سونم موجب، هن کي اهو ڊپ هو ته پنجابي فلمن جا مداح ۽ خاص طور تي سندس گهر وارا اهڙن مناظرن کي ڪهڙي نظر سان ڏسندا.
سونم باجوا ٻڌايو ته ان وقت هوءَ اهو سوچيندي هئي ته پنجاب ۾ سمورو ڪٽنب گڏجي فلمون ڏسي ٿو، تنهنڪري هوءَ ڪنهن به تڪراري منظر جو حصو بڻجڻ کان گهٻرائيندي هئي.
اداڪارا اعتراف ڪيو ته ان ڊپ سبب هن بنا ڪنهن غور ويچار جي ڪجهه وڏا موقعا وڃائي ڇڏيا، جنهن تي کيس پوءِ پڇتاءُ به ٿيو.
سونم باجوا انڪشاف ڪيو ته فلمن جون آڇون رد ڪرڻ کانپوءِ ان حوالي سان جڏهن هن پنهنجي والدين سان ڳالهه ڪئي ته سندن ردعمل اميدن جي ابتڙ هو.
اداڪارا موجب، والدين کيس مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته جيڪڏهن فلم جي گهرج هجي ته اهڙا منظر فلمائڻ ۾ ڪو به مسئلو ناهي.
سونم افسوس سان چيو ته ڪاش هوءَ اها ڳالهه اڳ ئي پنهنجي گهر وارن سان ڪري ها.
واضح رهي ته سونم باجوا جو ڳاڻيٽو اڄ به پنجابي سينما جي پهرئين جوڙجي اداڪارائن ۾ ٿئي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.