طبي ماهرن ڊارڪ چاڪليٽ کائڻ جو وڏو فائدو ٻڌائي ڇڏيو

ڊارڪ (گهري رنگ جو) چاڪليٽ مهارن جي بيماري جي خطري کي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽ ڪري سگهي ٿو.
محققن ان حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته چاڪليٽ ۽ پنير جو مهارن جي بيماري جي خطرن کي 54 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ سان واسطو آهي.
صحت جي ماهرن موجب ان جو خاص سبب گهري رنگ جو چاڪليٽ، جيڪو ڪوڪو بينز (مڱيرن) مان ٺاهيو ويندو آهي، ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ موجود هوندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته پنير ۽ بنا لوڻ وارا مڱيرا به صحت لاءِ فائديمند آهن پر فلٽر ٿيل ڪافي ۽ گهٽ ڪيلوري واريون ڊرنڪس انهن خطرن کي وڌائين ٿيون.
چين جي چونگ ڪنگ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڪيل ان تحقيق جي حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته صحت، جسماني ضرورت ۽ ورزش موجب تجويز ڪيل خوراڪ اسان جي قدمن جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿي.
محققن موجب چانور 58 سيڪڙو ۽ بنا لوڻ جي مڱيرن جو ان خطري کي گهٽ ڪرڻ سان 71 سيڪڙو تائين واسطو آهي، جڏهن ته فلٽر ڪيل ڪافي 42 سيڪڙو ۽ گهٽ ڪيلوريز واريون ڊرنڪس ان خطري کي 57 سيڪڙو تائين وڌائين ٿيون.

health awamiawaz chocolate

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.