ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر يوزويندر چهل ۽ بالي ووڊ اداڪارا ديشا پٽني جي وچ ۾ رومانوي لاڳاپن بابت افواهه زور پڪڙي رهيا آهن.
سوشل ميڊيا تي ٻنهي شخصيتن جي حوالي سان خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته جوڙو اڄڪلهه هڪٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيو آهي، جڏهن ٻنهي جي طرفان اڃا تائين اهڙين خبرن جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.
واضح رهي ته ماضيءَ ۾ به ديشا پٽني جو نالو بالي ووڊ اداڪار ۽ ويجهي دوست ٽائيگر شروف سان لاڳاپن جي ڪري خبرن ۾ رهيو، پر ان حوالي سان جوڙي ڪڏهن به باظابطا طور تصديق نه ڪئي.
في الحال ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي يوزويندر چهل ۽ ديشا پٽني بابت افواهه بحث جو موضوع بڻيل آهن، جڏهن ته ٻنهي شخصيتن جا مداح ڪنهن واضح بيان جا منتظر آهن.
You might also like