نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج جي سربراهه جنرل اوپيندر دويدي پاڪستان تي ڊرون ذريعي مداخلت جو الزام هڻي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جنرل اوپيندر دويدي دعويٰ ڪئي آهي ته سرحد پار کان ڊرونز جي مداخلت ۾ اوچتو واڌ ٿي آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ پاڪستان کي سڌي ريت پيغام موڪليو ويو آهي.
اڱاري ڏينهن نئين دهلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڀارتي آرمي چيف چيو ته ٻنهي ملڪن جي ڊي جي ايم اوز وچ ۾ هاٽ لائن تي رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ ڀارت انهن ڊرون اڏامن کي ناقابل قبول قرار ڏيندي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڊرون لائن آف ڪنٽرول ۽ عالمي سرحد ڀرسان ڏٺا ويا آهن، منهنجي خيال ۾ اهي دفاعي ڊرون هئا، جيڪي مٿي وڃي ڏسڻ چاهين ٿا ته ڪا ڪارروائي ڪئي پئي وڃي يا نه.
You might also like