برسبين (ويب ڊيسڪ) يوڪرائيني ٽينس اسٽار مارتا ڪوستيوڪ برسبين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي فائنل کانپوءِ پنهنجي ملڪ جي حالتن جو ذڪر ڪندي جذباتي ٿي وئي.
مارتا ڪوستيوڪ ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي چيو ته هوءَ يوڪرائن بابت ڪجهه چوڻ چاهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هوءَ روز دل ۾ درد سنڀالي کيڏي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته يوڪرائن ۾ هزارين ماڻهو سخت ڏکيائين ۽ پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، هزارين ماڻهو بجلي کانسواءِ زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته ڪاٽو ويهه ڊگري سينٽي گريڊ جهڙي سخت پاري ۾ به ماڻهن کي گرم پاڻي ميسر ناهي.
مارتا جذباتي انداز ۾ چيو ته سندس ڀيڻ رات جو ٽي ڪمبل ويڙهي سمهندي آهي، ڇو ته سندس گهر تمام گهڻو ٿڌو آهي، مان روز دل ۾ درد پالي کيڏي رهي آهيان.
ياد رهي ته برسبين اوپن جي فائنل ۾ عالمي نمبر ون ارينا سبالنڪا ۽ مارتا ڪوستيوڪ وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، جيڪو بيلاروس جي ارينا سبالنڪا مارتا ڪوستيوڪ خلاف 6-4 ۽ 6-3 تان کٽي ورتو.