سون هزارين رپيا مهانگو، اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڌيڪ واڌ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ اهو تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 7 هزار 700 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 4 لک 80 هزار 962 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 6 هزار 602 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 12 هزار 347 رپين تي پهچي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 77 ڊالر واڌ سان 4586 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.