بِگ بيش ليگ ۾ سُست بيٽنگ سبب محمد رضوان کي ميدان کان ٻاهر ڪيو ويو!

سڊني (ويب ڊيسڪ) بگ بيش ليگ (بي بي ايل) ۾ ميلبورن رينيگيڊز جي ڪپتان سُست بيٽنگ ڪرڻ سبب محمد رضوان کي بيٽنگ دوران ميدان کان ٻاهر گهرائي ورتو.
سومر ڏينهن بي بي ايل جي 15هين ايڊيشن جي 33هين ميچ ۾ هڪ غير معمولي واقعو پيش آيو، ميلبورن رينيگيڊز سڊني ٿنڊر خلاف ميچ دوران پنهنجي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کي ريٽائر آئوٽ ڪري ڇڏيو.
محمد رضوان 23 بالن تي 26 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هو،ان دوران ڪپتان کيس ميدان کان ٻاهر وڃڻ جو اشارو ڪيو.
بگ بيش ليگ طرفان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ميلبورن رينيگيڊز جو ڪپتان وِل سدرلينڊ محمد رضوان کي پويلين واپس وڃڻ جو اشارو ڪري ٿو ته جيئن هو پاڻ بيٽنگ لاءِ اچي سگهي.
ان دوران ڪامنٽيٽر چيو ته ” ڪپتان ڏاڍو سٺو فيصلو ڪيو، اهو ڪم ڪجهه اڳ به ڪري سگهجي پيو.“
اِها وڊيو تيزي سان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي، جنهن تي ڪرڪيٽ شوقين سخت ردعمل ظاهر ڪيو، مداحن محمد رضوان کي زبردستي ريٽائر آئوٽ ڪرڻ کي شرم جوڳو قرار ڏنو.
رٽائرڊ آئوٽ ڇا آهي
ڪرڪيٽ قانون موجب ” رٽائرڊ آئوٽ“ ۽ ”رٽائرنگ هرٽ“ ٻه الڳ الڳ اصطلاحون آهن.
جڏهن ڪو رانديگر انجري/زخمي ٿيڻ سبب رٽائرنگ هرٽ ٿيندو آهي ته هو وڪيٽ ڪرڻ کانپوءِ يا ضرورت پوڻ تي ٻيهر بيٽنگ لاءِ ڪريز تي اچي پنهنجي اننگز مڪمل ڪري سگهي ٿو.
رانديگر رٽائرنگ هرٽ عام طور تي مجبوري تحت ٿيندو آهي، جنهن جو ڪارڻ گهڻي ڀاڱي ڌَڪ يا بيماري هوندي آهي، جنهن سبب رانديگر بيٽنگ ڪرڻ جوڳو ناهي رهندو.
ان جي ابتڙ رٽائرڊ آئوٽ ٿيندڙ بيٽر تيستائين ٻيهر ڪريز تي واپس نه ٿو اچي سگهي جيستائين مخالف ٽيم جو ڪپتان ان جي اجازت نٿو ڏئي.
حقيقت ۾ رٽائر آئوٽ ڪنهن حڪمت عملي طور کنيل قدم هوندو آهي، جيڪو ٽيم جي بهتر مفاد کي نظر ۾ رکي کنيو ويندو آهي.
عام طور تي اهڙي بيٽر کي رٽائرڊ آئوٽ ڪيو ويندو آهي جيڪي تيز رفتاريءَ سان رنسون نه ٺاهي سگهي يا سُست بيٽنگ ڪندو هجي، ان صورت ۾ نئين ايندڙ بيٽر مان اِها اميد ڪئي ويندي آهي ته هو تيزيءَ سان اسڪور ڪري رن ريٽ کي بهتر بڻائيندو.
واضح رهي ته محمد رضوان بي بي ايل جي جاري سيزن دوران بيٽنگ جي حوالي سان ڏکيائين جو شڪار رهيو آهي.
رضوان هنيئر تائين 8 ميچن ۾ 20.88 جي ايوريج سان 167 رنسون ٺاهيون آهن.
ميچ جي ڳالهه ڪجي ته ميلبورن رينيگيڊز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسون ٺاهيون، برسات سبب متاثر ميچ ۾ سڊني ٿنڊر کي ڊي ايل ايس تحت 16 اوورن ۾ 140 رنسن جو هدف ڏنو ويو، آخري اوور جي ٻئي بال تي سڊني سڪسر هدف حاصل ڪري ورتو.
ڪرس گرين کي جارحاڻي بيٽنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.