واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران خلاف مختلف آپشنز تي غور ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ فوجي ڪارروائي به شامل آهي.
فلوريڊا کان واشنگٽن ڊي سي ويندي جهاز ۾ گفتگو ڪندي آمريڪي صدر چيو ته ايراني اپوزيشن ليڊرن سان رابطي ۾ آهيون، ايران ۾ انٽرنيٽ جي بحالي بابت ارب پتي ايلون مسڪ سان ڳالهائينداسين، مسڪ ان ڪم ۾ ماهر آهي، سندس ڪمپني بهترين آهي.
هن چيو ته ايران گذريل ڏينهن جوهري معاهدي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو، اسان انهن سان ملي سگهون ٿا.
You might also like