ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جو نالو ايندي ئي وڏن سپر اسٽار ۽ مشهور اداڪارائن جا نالا ذهن تي تري ايندا آهن، پر ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جون شخصيتون اڪثر تڪراري رويي سبب به بحث جو موضوع بڻجي وڃن ٿيون، ويجهڙائي ۾ سوشل ميڊيا تي بالي ووڊ جي ڪجهه مشهور اداڪارائن جون تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن، جنهن نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، دپيڪا پاڊڪون، عاليا ڀٽ ۽ شرڌا ڪپور جون ڪجهه تصويرون مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي وائرل ٿي رهيون آهن.
وائرل تصويرن ۾ ٽئي اداڪارائون پارٽيءَ واري ماحول ۾ نظر اچي رهيون آهن، جتي شراب ۽ سگريٽ نوشي جا منظر واضح آهن.
هڪ تصوير ۾ دپيڪا پاڊڪون سگريٽ ڇڪيندي دونهين جا ڇلا ٺاهيندي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته شرڌا ڪپور هٿ ۾ شراب کڻي ڪيمرا آڏو پوز ڏئي رهي آهي.
ان کانسواءِ عاليا ڀٽ ٻڏتر واري صورتحال ۾ صوفي تي ويٺل نظر اچي ٿي، جيڪو منظر سوشل ميڊيا واهپيدارن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي ۽ ان تي مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن.
وائرل تصويرن تي تبصرن جو سلسلو جاري آهي، جتي ڪجهه واهپيدار جو چوڻ آهي ته” شهرت ۽ دولت کانپوءِ اهڙي قسم جون محفلون ۽ طرزِ زندگي جو انداز عام ٿي ويندو آهي، تنهنڪري اداڪارائون سرعام پارٽي ڪندي نظر اچي رهيون آهن.“
ٻئي پاسي، ڪيئي ماڻهو تصويرن جي حقيقي هجڻ تي سوال اُٿاريندي دعويٰ ڪن ٿا ته اهي اصل نه پر هٿرادو ذهني ٽيڪنالاجي (اَي آءِ ) ذريعي تيار ڪيون ويون آهن.
ڪجهه واهپيدارن جو اهو به چوڻ آهي ته تصويرون نيون نه پر پراڻيون آهن، جيڪي هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون آهن.
You might also like