واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته وينزويلا تيل جي وڪري مان حاصل ٿيندڙ آمدني رڳو آمريڪي شين جي خريداري تي خرچ ڪندو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي سامان ۾ زرعي جنسون، دوائون، طبي اوزار، توانائي شعبي کي بهتر بڻائيندڙ سامان شامل هوندو.
هن چيو ته وينزويلا طرفان آمريڪا کي پنهنجو اهم ترين واپاري ڀائيوار چونڊڻ هڪ دانشمنداڻو فيصلو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.
You might also like