اسلام آباد(بيورو)هائوس هولڊ انٽيگريٽيڊ اڪنامڪ سروي جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي۔ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ بک هاڻي صرف غربت جو مسئلو نه رهي آهي، پر اها هڪ قومي ايمرجنسي بڻجندي پئي وڃي، جتي هر چار مان هڪ پاڪستاني غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهي۔رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ جي هر چار مان هڪ گهراڻي کي مناسب خوراڪ دستياب ناهي، جڏهن ته رڳو ڇهن سالن ۾ غذائي عدم تحفظ ۾ 53 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي۔ سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال شهري علائقن ۾ آهي، جتي مهانگائي عوام جي خريداري قوت کي سخت متاثر ڪيو آهي۔رپورٽ موجب بلوچستان ۽ سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، پر حيرت انگيز طور پنجاب به سستي روٽي جهڙن منصوبن باوجود بک تي قابو آڻڻ ۾ ناڪام رهيو آهي۔ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وبا، 2022 جا تباهه ڪندڙ ٻوڏ، ۽ لڳاتار مهانگائي هن سنگين صورتحال جا بنيادي سبب آهن۔