”وئي جواني، وئي جواني تيز ٻرانگهون پائي“، ايشوريا راءِ راکي ساونت سان ڀيٽجڻ لڳي!

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ۽ اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ بچن تازو جدي ۾ ٿيل ريڊ سي فلم فيسٽيول ۾ شرڪت ڪري هڪ ڀيرو وري سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي.
اداڪارا فيسٽيول ۾ ڪاري رنگ جي گائون ۾ هڪ خاص سيشن ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي زندگيءَ ۽ فلمي ڪيريئر تي ويچار ونڊيا.
ايشوريا راءِ پنهنجي ڌيءَ آرياڌا جي پرورش تي ڌيان ڏيڻ سبب ڪجهه ورهين کان فلمي دنيا کان پري رهي آهي، جنهن دوران سندس شڪل ۽ جسماني بيهڪ ۾ فطري تبديليون آيون آهن، انهن تبديلين تي سوشل ميڊيا واهپيدار غير ضروري تنقيد جو سلسلو شروع ڪيو.
ڪيئي واهپيدارن سندس چهري ۾ فرق محسوس ڪندي غير مناسب انداز ۾ سندس ڀيٽ راکي ساونت سان ڪئي، جنهن تي مبينا طور منهن تي حد کان وڌيڪ فلرز جي استعمال سبب تنقيد ڪئي پئي وڃي.
سوشل ميڊيا تي ڪجهه واهپيدارن سخت تبصرا ڪندي لکيو ته کين ايشوريا راءِ بدران راکي ساونت نظر پئي اچي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن سندس انگريزي واري انداز تي به ٺٺول ڪئي.
ڪجهه ماڻهن دعويٰ ڪئي ته اداڪارا جي چهري تان پهريان واري فطري چمڪ هاڻي گم ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.