ثقافتي ڏهاڙو پرامن رهيو، ايم ڪيو ايم شايد ماضي وساري ويٺي آهي، 12 مئي سڀني جي سامهون آهي: سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديا جاويد چيو آهي ته سنڌي ثقاقتي ڏهاڙو پرامن رهيو، حالتون مڪمل طور ڪنٽرول ۾ هيون.
فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي سعديا جاويد چيو ته اڄ انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي به ايم ڪيو ايم لساني سياست کان نه مُڙي، متحده وارا بنا ڪنهن معاملي جي به ميڊيا تي اچڻ چاهين ٿا.
هن چيو ته سنڌي ثقافتي ڏهاڙو پرامن رهيو ۽ حالتون مڪمل طور ڪنٽرول ۾ هيون، قانون ٽوڙيندڙن کي روڪيو ۽ شرپسندن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر کانپوءِ معاملو عدالت ۾ ويندو آهي ۽ ڪارروائي ٿيندي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه شرپسندن سبب سڄي ڪميونٽي کي ذميوار نٿو قرار ڏئي سگهجي، سڄي صوبي ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي، هاڻ معاملو عدالت جي اختيار ۾ آهي.
سعديا جاويد چيو ته ايم ڪيو ايم شايد ماضي وساري ويٺي آهي، 12 مئي جا واقعا سڀني جي سامهون آهن، علي خورشيدي جي پريس ڪانفرنس ۾ ٻولي اپوزيشن ليڊر جي نه هڪ يونٽ ڪارڪن جي لڳي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.