دهشتگردي پاڪستان نه ڀارت جو ڪم آهي، اسان دشمن کي لِڪي نه للڪاري ماريندا آهيون: فيلڊ مارشل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته دهشتگرد پاڪستان جو نه ڀارت جو ڪم آهي، اسان دشمن کي لڪي نه للڪار ڪري ماريندا آهيون، معرڪه حق ۾ الله پاڪ اسان کي ڪاميابي ڏني.
اسلام آباد ۾ قومي علما مشائخ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته رياستِ طيبه ۽ پاڪستان رياست جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي، الله پاڪ سڀني مسلمان ملڪن مان حرمين جي محافظن جو شرف پاڪستان کي عطا ڪيو، سعودي عرب سان دفاعي معاهدو تاريخي آهي.
هن چيو ته جنهن قوم علم ۽ قلم کي ڇڏيو، اتي ڏڦيڙ جاءِ ورتي، عزت ۽ طاقت ورهاست سان نه پر محنت ۽ علم سان حاصل ٿيندي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسلامي رياست ۾ رياست کانسواءِ ڪوئي جهاد جو حڪم نٿو ڏئي سگهي، عالم قوم کي متحد رکن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.