”ڌُرنڌَر“ ۾ رحمان ڊڪيٽ جو رقص وائرل، اڪشي کنا ڇائنجي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلم ”ڌُرنڌر“ جو هڪ سين سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ رحمان ڊڪيٽ جو ڪردار نڀائيندڙ اڪشي کنا مقامي رقص پيش ڪيو آهي.
اڪشي کنا جو ” ڌُرنڌر “ رقص وارو سين تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي پروڊڪشن ٽيم ان سين جي پٺيان دلچسپ ڪهاڻي پڻ شيئر ڪئي آهي.
وائرل وڊيو ۾ اڪشي کنا هڪ گاڏي مان لهندي، هجوم کي هٿ لوڏي سلام ڪري ٿو ۽ پوءِ بنا ڪنهن تياريءَ جي روايتي ڊانس ڪرڻ لڳي ٿو.
دانش پانڊو جيڪو فلم ۾ عزير بلوچ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جو چوڻ آهي ته اِها ڊانس پهريان کان طئي ٿيل نه هئي.
هن چيو ته شوٽنگ دوران ڪوريوگرافي جاري هئي، اوچتو اڪشي کنا اُٿي بيٺو ۽ هدايتڪار آديتيا ڌر کان پڇيو: ”ڇا مان به رقص ڪري سگهان ٿو؟“ جنهن تي هدايتڪار چيو ته ”جيڪو وڻئي ڪر!“ ان کان پوءِ اڪشي نچڻ شروع ڪيو، جنهن سموري ٽيم کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون.
واضح رهي ته ”ڌُرنڌر“ جاسوسي ۽ ايڪشن ٿرلر فلم آهي، جنهن ۾ اڪشي کنا رحمان ڊڪيٽ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
انٽري سين ۾ جيڪا موسيقي استعمال ٿي آهي، ان جو نالو FA9LA آهي، اِهو گيت بحرين جي هپ هاپ آرٽسٽ فلپراچي ڳايو آهي.
ڊانس ڪرپ وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا واهپيدار دلچسپ قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن.
هڪ واهپيدار لکيو ته ”هي سين هڪ بينگ آهي! شاندار شوٽنگ ۽ ڪوريوگرافي!“ ڪجهه ماڻهو مزاحيه انداز ۾ رحمان ڊڪيٽ جو پراڻو ڪلپ پڻ وائرل ويڊيو سان شيئر ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.