ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار بهروز سبزواري پهرين زال جي هوندي ٻي شادي کي امتحان قرار ڏئي ڇڏيو.
اداڪار بهروز سبزواري ويجهڙ ۾ هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران هڪ مداح کائنس فٽنيس بابت سوال ڪيو جنهن جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته ” جڏهن منهنجي شادي ٿي تنهن وقت مان 21 سالن جو هئس، هاڻي منهنجي عمر 42 ورهيه آهي، منهنجون ٻه پوٽيون آهن ۽ ڏهوٽا ڏهوٽيون پڻ آهن، ننڍي عمر ۾ شادي جو هڪ فائدو اِهو به آهي ته انسان ڊگهي عرصي تائين فٽ رهي ٿو.“
ٻي شادي بابت سوال جي جواب ۾ اداڪار چيو ته ” جيڪڏهن پهرين زال زنده آهي پوءِ سٺي يا خراب اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو مرد ٻي شادي ڪندو ته اِهو هن لاءِ امتحان آهي، جيڪڏهن زال چڱي آهي ته پوءِ مرد کي ٻي شادي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ “
پنهنجي ڪٽنب ۾ موجود اداڪارن وچ ۾ سڀ کان بهترين مرد ۽ عورت اداڪار واري سوال تي بهروز سبزواري چيو ته ” جاويد شيخ بابت ته ڪا به راءِ نه ڏيندس، ان کانپوءِ مان سمجهان ٿو ته پٽ شهروز سڀ کان سٺو اداڪار آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ڪردار لاءِ ڏاڍي محنت ۽ ان سان انصاف به ڪري ٿو، عورت اداڪارائن ۾ هڙئي اداڪارئون مناسب آهن پر گهرواري کي سڀ کان بهترين اداڪار سمجهان ٿو.“
You might also like