”توهان رات ڏينهن فوج کي گاريون ڏيو ۽ اسان چُپ رهون“ بلاول پي ٽي آءِ تي ڏمرجي پيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سياسي تنقيد لاءِ اسان موجود آهن پر اهو ڪهڙو عمل آهي ته توهان رات ڏينهن فوج کي گاريون ڏيو ۽ اسان چُپ رهون.
لاهور ۾ ڪارڪنن سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان وري هڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، هر هڪ جي ذميواري آهي ته متحد ٿي پنهنجي فوج سان گڏ بيهي.
هن چيو ته گهڻي وقت کان چئي رهيو آهيان ته دهشتگردن کي اسان جي پاڙيسري ملڪن مان مدد ملي رهي آهي، دهشتگرد اسان جي فوج، پوليس ۽ عوام کي شهيد ڪري افغانستان ڀڄي ويندا آهن.
بلاول ڀٽو زرداري نالو کڻڻ بنا چيو ته اهي فوج ۽ عوام ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان انهن کي ائين ڪرڻ نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.