دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي نالي سان تعمير ٿيندڙ شاهه رخ ٽاور مهورت جي پهرئين ڏينهن ئي مڪمل وڪرو ٿي ويو.
دبئي ۾ مصروف ترين شاهراهه شيخ زايد روڊ تي اڏجندڙ شاهه رخ ٽاور جي ماليت ٻه ڏهائي هڪ ارب درهم آهي، اِها رقم لڳ ڀڳ 159 ارب 60 ڪروڙ پاڪستاني رپيا ٿئي ٿي.
شاهه رخ ٽاور جي لانچ واري تقريب دبئي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿي، جنهن ۾ شاهه رخ خان سميت ڇهه هزار کان وڌيڪ مهمانن شرڪت ڪئي.
تقريب دوران شاهه رخ خان چيو ته هي ٽاور عالمي معيار جي سهولتن ۽ جديد ڊيزائن تحت تعمير ڪيو ويندو ۽ مستقبل ۾ شيخ زايد روڊ تي هڪ مشهور واپاري مرڪز بڻجي ويندو.
رپورٽ موجب، منصوبي کي 2029 تائين مڪمل ڪرڻ جو امڪان آهي.
دبئيءَ ۾ شاهه رخ خان جي نالي سان ٺهندڙ 159 ارب 60 ڪروڙ ماليت جو ٽاور پهرئين ڏينهن کي کَپي ويو
You might also like