هڪ مائنس ٿيو ته پوءِ ڪوئي نه بچندو: بيرسٽر گوهر خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته جيڪڏهن هڪ مائنس ٿيو ته ان کانپوءِ هڪ به نه بچندو، حالتون ڪنٽرول مان نڪري وينديون.
اسلام آباد ۾ پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته اسان پارليامينٽ ۾ ملڪ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهيون پر ڪجهه ماڻهو حالتون بهتر ٿيندي نٿا ڏسڻ چاهين.
هن چيو ته اڊيالا جيل ٻاهران باني جي ڀيڻن ۽ ڪارڪنن تي واٽر ڪينن جو استعمال ڇو ڪيو ويو؟ ايڏي وڏي جماعت کي جيڪڏهن توهان سسٽم مان ڪڍندئو ته پوئتي ڇا بچندو؟
سندس چوڻ هو هي سمجهن ٿا ته ڪجهه نه ٿيندو پر پوءِ اهڙو ٿيندو جيڪو ڪجهه جي ڪنٽرول ۾ نه هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.