جمهوريت زوال ڏانهن وڃي رهي آهي، حڪمران 71ع سانحي جو سبب بڻجندڙ غلطيون نه ورجائين: ايڇ آر سي پي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جي چيئرمين اسد اقبال بٽ حڪمرانن تي زور ڏنو آهي ته اهي اهڙيون غلطيون ٻيهر نه ڪن، جيڪي 1971ع جي سانحي جو سبب بڻيون، ڇو⁠ ته پاڪستان جي بقا جمهوريت تي ٻڌل حڪمراني ۾ ئي آهي.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٿيل سيمينار ۾ خطاب ڪندي اسد اقبال بٽ چيو ته پاڪستان جي حڪمران اشرافيا ملڪ ۾ انساني حقن جي وڏي پيماني تي ٿيندڙ ڀڃڪڙين جي ذميوار آهي، سياسي قوتن ۽ جمهوري ادارن کي غير اثرائتو ۽ لڳ ڀڳ مفلوج ڪيو ويو آهي.
هن ملڪ ۾ جبري گمشدگين جو شڪار ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو ته مذهبي گروهن کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو رياستي عمل فوري طور ختم ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته سياسي قوتن جي استحصال جمهوري ادارن کي غير اثرائتو ۽ تقريبن مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، آئين کي ڪمزور ڪرڻ، قانون جي حڪمراني تي وار ڪرڻ ۽ آمريت کي هٿي ڏيندڙ ترميمن سان جمهوريت زوال ڏانهن وڃي رهي آهي ۽ اختلافِ راءِ کي ڏوهه بڻايو پيو وڃي.
اسد اقبال بٽ موجب جبر باوجود عوامي تحريڪون، سياسي پارٽيون، سماجي تنظيمون ۽ مظلوم قوميتون ثابت قدم آهن، سامراجي ڏاڍ ۽ طبقاتي استحصال خلاف مزاحمتي قوتن کي هڪ وڏي عوامي اتحاد ۾ متحد ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.
هن چيو ته اسين سڀني ادارن کي گڏ ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون ۽ ساڳئي وقت 26هين ۽ 27هين آئينِي ترميمن جي واپسي، جبري گمشدگين جو خاتمو، سياسي قيدين جي آزادي، ميڊيا جي آزادي جي بحالي ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 50 هزار رپيا ماهوار مقرر ڪرڻ سميت ڪيترائي مطالبا پيش ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.